اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب ملڪن جو عالمي استحصال بند ڪيو وڃي، موجوده عالمي نظام ۾ س??مائي جي غيرمنصفاڻي ورڇ وڏو مسئلو آهي، دنيا ۾ وڌندڙ غربت سان عالمي امن کي سخت خطرا آهن، ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان سمار?? لاڪ ڊائون جي پاليسي تي عمل ڪندي ان تي ضابطو آندو، احساس پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو غربت جي خاتمي جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي اعليٰ سطح جي غربت جي خاتمي بابت فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورون?? وبا جي ڪري اقتصادي واڌويجهه جي شرح ۾ تيزي ??ان گهٽتائي ٿي.