اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ميرٽ جي فروغ لاءِ نظام ۽ ادارن کي مضبوط ڪندڙ ملڪ ۽ معاشرا سدائين ترقي ڪن ٿا، نئين پاڪستان ۾ نئين سوچ سا?? ميرٽ کي فروغ، آن لائن سسٽم تحت قرضن جي فراهمي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ننڍن ۽ وچ??ن صنعت کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏيڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب جوان پروگرام 100 سيڪڙو نوجوانن جي لاءِ آهي، ان جو فائدو ننڍي ۽ وچ??ن درجي جي صنعتن کي به ٿيندو، سياحت واحد ذريعو آهي جيڪا مٽاسٽا جو ناڻو تيزي سا?? پاڪستان آڻي سگ??ي ٿي. هو ڪامياب جوان پروگرام تحت بيروزگار نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.