اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سدائين غريب ۽ پيڙهيل طبقن جي لاءِ قدم کنيا، اح??اس پروگرام، لنگر خانا، پناهگاهون ۽ ڪامياب جوان پروگرام ان جو چٽو ثبوت آهي، هاڪر سخت موسمن ۾ به اخبارون گهر گهر تائين پهچائڻ جون ذ??يداريون ادا ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ موقعن جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي رڳو هڪ خاص طبقي کي نوازيو ويو آهي. هو پي آءِ ڊي ۾ هاڪرن جي لاءِ پيڪيج جي ا??لان جي تقريب کي خطاب ڪري ??هي?? هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين، ايم ڊي پاڪستان بيت المال عون عباس بپي، ٽڪا خان کانسواءِ گڏيل شهرن جي ا??بار وڪرو ڪندڙن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو.