اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته احساس پروگرام فلاحي رياست جي قيام جو بنياد آهي، اهو هڪ زبردست قدم آهي، ان پروگرام ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن تحت شاگردن کي ڏني ويندڙ اسڪالرشپس کي هڪ ڊيٽا بيس تي آندو وڃي. هو ستاره مارڪيٽ اسلام آباد ۾ پهرئين ون ونڊو احساس سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو، هن چيو ته اهو فلاحي رياست جي طرف هڪ بنيادي قدم آهي، جڏهن انگ اکر دستياب هو??دا ته هدفن جو تعين ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ثانيه نش??ر ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو. ان موقعي تي وزيراعظم جي سماجي ڀلائي و??ري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نش??ر وزيراعظم کي ون ونڊو سينٽر ۽ احساس ون ونڊو منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اهو پروگرام جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ هو??دو جنهن تحت قابل ۽ ضرورتمند شاگردن کي اسڪالرشپس به ڏنيون وينديون.