اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل و??ير??عظم کي مخ??لف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوالي سان جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميشن رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. و??ير??عظم عمران خان واٽر ڪميشن رپورٽ جي حوالي سان جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي ساراهيو. و??ير??عظم چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. و??ير??عظم جسٽس (ر) ??لي اڪبر قريشي ج?? سربراهي ۾ واٽر ڪميشن رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. مخ??لف عدالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي و??ير??عظم چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.