اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پا??ستان نگورنو ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي ??وق?? جي حمايت جاري رکندو، آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پا??ستان جي ??وق?? جي حمايت ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير جي رهائشگاهه تي آزادي ج?? جنگ جي شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پي?? ڪرڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پا??ستان آذربائيجان سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ اهي لاڳاپا گڏيل تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي تعاون گڏيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻئي ملڪ هڪٻئي جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. سينيٽ چيئرمين آذربائيجان جي آزادي ج?? جنگ جي شهيدن کي خراج عقيدت ڪندي چيو ته آذري فوج آزادي ج?? جنگ ۾ ڪمال مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته پا??ستان نگورنور ڪاراباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي ??وق?? جي حمايت جاري رکندو ۽ پا??ستان گڏيل قومن جي قراردادن تحت آذربائيجان جي علائقائي سالميت جي حمايت ڪندو رهيو آهي، هن چيو ته آذربائيجان سدائين ڪشمير جي مسئلي تي پا??ستان جي ??وق?? جي حمايت ڪئي آهي، سينيٽ چيئرمين آرمينيا کان آزاد ڪرايل علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي حمايت جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، توانائي، موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ گهڻ رخي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، سمورن عالمي فورمن تي آذربائيجان ۽ پا??ستان سدائين هڪٻئي جي ??وق?? جي حمايت ڪئي ۽ مستقبل ۾ به اهو مثالي تعاون جاري رهندو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي ڀائيچاري جي فضا ڏٺي وڃي ٿي، پا??ستان، آذربائيجان ۽ ترڪي گڏيل حڪمت عملي جي ذريعي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي آذربائيجان جي حڪومت، پارليامينٽ، عوام ۽ سياسي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ پا??ستان ۾ ترڪي جي سفير به شرڪت ڪئي.