اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ٻارن ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي عزم کي ورجائڻ آهي، اڄ اسان پنهنجي ٻارن جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جو عزم ڪريون ٿا، حڪومت هر ٻار کي غربت ۽ هر قسم جي تشدد کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، هر ٻار کي معياري تعليم ۽ صحت جون سهولتون ف??اه?? ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. ايوان صد?? ميڊيا ونگ پاران جاري ٿيندڙ پڌرائي موجب ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر عارف علوي چيو آهي ته اسان يقيني بڻائي رهيا آهيون ته ڪنهن ٻار سان ان جي قوميت، مذهب يا صنف جي بنياد تي فرق ??ه ڪيو وڃي، هن چيو ته اڄ اسان پنهنجي ٻارن کي ماحولياتي تبديل?? جي سخت اثرن کان ??چا??ڻ جو به عزم ڪريون ٿا. صدر چيو ته پاڪستاني ٻارن جي بهتر زندگ?? جي لاءِ ميڊيا، معاشري، والدين ۽ پاڻ ٻارن کي به گڏجي تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اچو وبا تي ضابطو آڻي هر ٻار جي لاءِ وبا کانپوءِ هڪ بهتر مستقبل جي لاءِ ڪم ڪريون.