اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي ??والي سان پنهنجي ??رطن تي ٻڌل ٽينڊر جاري ڪري، سڄي دنيا مان مينوفيڪچررز ڪمپنيون اي وي ايم کڻي اچي وينديون، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو معاملو 2012ع م پيپلزپارٽي ۽ 2016ع ۾ (ن) ليگ اٿاريو، ??سان انهي تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي اي وي ايم تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رورت آهي، سنڌ حڪومت اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول نه رکي سگهي، اٽي ۽ کنڊ جا اگهه سنڌ ۾ وڌيڪ آهن، ڪراچي جي قيمتن جو حساس اشاريه انڊيڪس تي 40 سيڪڙو اثر پوي ٿو، مسلسل ٽئين هفتي ضرورت جي ??ين جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، وزيراعظم گوادر ۾ احتجاج جو سخت نوٽيس ورتو آهي، گوادر ۾ پيئڻ جي ??اف پاڻي جي منصوبن تي اسلام آباد کان وڌيڪ خرچ ڪيو و??و آهي، 700 ارب رپين جو سدرن بلوچستان پئڪيج جو اعلان ڪيو و??و، ??يترا وڏا فنڊز ڏيڻ جي ??اوجود مسئلا حل نه ٿين ته انهن منصوبن جو نئين سر جائزو و??ڻ جي ??رورت آهي، ڪابينا شگر سيڪٽر ريفارمز جي ??والي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي ??پورٽ جون سفارشون عوامي راءِ جي لاءِ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني، ڪابينا ويڪسي نيشن وڌائڻ، سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو، وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ تاجڪستان ??ي وچ ۾ ٻطرفي فضائي روٽ ۾ تبديلي جي منظوري ڏني، پاڪستان ۽ قازقستان ??ي وچ ۾ فضائي سفر جي ??روعات لاءِ قازق ايئر ڪمپني کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۽ عراق ??ي وچ ۾ فضائي سفري معاهدي ۾ ترميم جي ??جازت ڏني. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي ??جلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ??ستعمال جي ??والي سان اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ملڪ جي ??مورين پولنگ اسٽيشنن تائين پهچ ۽ استعمال ۽ عملي جي ??ربيت جي ??والي سان شيڊيول تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي ??والي سان پنهنجي ??رطن تي ٻڌل ٽيندر جاري ڪري، سڄي دنيا مان مينوفيڪچررز اي وي ايم کڻي اچي ويندا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جو معاملو پيپلزپارٽي 2012ع ۾ اٿاريو، ??ن کانپوءِ 2016ع ۾ ان تي ٻيهر بحث ٿيو، 2017ع ۾ (ن) ليگ جي ??ڪومت اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي ته اها ان تي ٺوس رپورٽ تيار ڪري ۽ اليڪشن ڪميشن کي چيو و??و ته اها ان حوالي سان عملي قدم کڻي، اسان انهي معاملي کي اڳتي کڻي وڌي رهيا آهيون، سمورين سياسي پارٽين کي ان تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ??رورت آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ گوادر جي معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، وفاقي وزيرن اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر جو دورو ڪندا ۽ اتي ٿيندڙ احتجاج جي ??والي سان معاملن جو جائزو و??ندا. وزيراعظم گوادر ۾ احتجاج جو نوٽيس ورتو آهي ۽ ان حوالي سان سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته گوادر ۾ پيئڻ جي ??اف پاڻي جي منصوبن تي اسلام آباد کان وڌيڪ خرچ ڪيو و??و آهي، 700 ارب رپين جو سدرن بلوچستان پئڪيج جو اعلان ڪيو و??و، ??ن رقم مان 560 ارب رپيا نج وفاق جو پئسو آهي. ايترا وڏا فنڊز ڏيڻ جي ??اوجود مسئلا حل نه ٿين ته انهن منصوبن جو نئين سر جائزو و??ڻ جي ??رورت آهي ته ايترو پئسو و??اق کان صوبن ۾ منتقل ٿي رهيو آهي ۽ منصوبن تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آ??ي. ??ن چيو ته ٻئي وفاقي وزير گوادر وڃي ٺوس رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا کي ضرورت جي ??ين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو و??و، ??ها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مسلسل ٽئين هفتي حساس اشاريه انڊيڪس هٺي وڃي رهيو آهي، قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي رهي آ??ي. ??ن چيو ته بدقسمتي سان سنڌ صحت ڪارڊ ۽ راشن پروگرام ۾ شرڪت نه ڪئي جنهن جي ڪري سنڌ کي ڇڏي پوري ملڪ ۾ صحت جا خرچ جنوري کان حڪومت کڻندي، مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس طبقي کي صحت جي ??رچن ۾ بچت ٿيندي ۽ اها بچت اهي ٻين شين جي لاءِ استعمال ڪري سگهندا. هن ٻڌايو ته حساس اشاريه انڊيڪس موجب ٽماٽي، چڪن ۽ پٽاٽي جون قيمتون گهٽ ٿيون آهن، نڊ ۽ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت ۾ استحڪام آيو آهي، مسٽرڊ آئل ۽ ٻين شين جون قيمتون به مستحڪم ٿيون آهن. هن چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ زرعي پاليسي ۾ ڪيترين ئي شين کي نظرانداز ڪيو و??و، ??سان زرعي ملڪ آهيون پر داليون نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا مان درآمد ڪريون ٿا. هن چيو ته درآمدي شيون مهانگيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۽ بنگلاديش جي مقابلي ۾ سستو ملڪ آهي، رڳو چانهه کي ڇڏي باقي سموريون شيون هتي سستيون آهن. چانهه جي قيمت ڀارت ۾ 1232 رپيا، بنگلاديش ۾ 916 رپيا، سريلنڪا ۾ 1117 رپيا آهي جيڪا پاڪستان ۾ 1315 رپيا في ڪلو آهي. ان کانسواءِ باقي سموريون شيون اٽو، ??اليون، ڀاڄي هن خطي ۾ سڀ کان سستيون آهن. هن چيو ته هيلٿ ۽ راشن پروگرام کانپوءِ ماڻهن کي وڌيڪ سهولت ملندي، 50 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽي تي 30 سيڪڙو رعايت ملندي، اهڙي طرح ان طبقي کي 2018ع ۾ اٽي جي قيمت کان گهٽ قيمت تي اٽو ملندو. هن ميڊيا کي چيو ته اها ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پاڻ قيمتن جي ڀيٽ ڪري. ڪراچي ۾ هن وقت 20 ڪلو اٽي جي قيمت 1347 رپيا جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ 1400 رپيا آهي. ان کانسواءِ پوري ملڪ ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آ??ي. ??ن چيو ته سنڌ حڪومت ڪجهه بهتري ڪئي آهي پر هن وقت به ملڪ جي ٻين حصن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ اٽي جو ٿيلهو اٽڪل اڍائي سئو رپيا مهانگو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ به هن وقت ڪراچي ۾ اٽڪل 97 رپيا في ڪلو آهي، ملڪ جي ٻين حصن ۾ 90 رپيا في ڪلو جڏهن ته ڪجهه جاين تي 90 رپيا في ڪلو کان به گهٽ قيمت آ??ي. ??ن چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ کنڊ جي قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪري رهي آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت کي چئون ٿا ته اها ڪنهن ڪاوڙ کانسواءِ شين جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن چيو ته ڪراچي جي قيمتن جو 40 سيڪڙو اثر ايس پي آئي تي پوي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت ڀاڻ جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا، گذريل سال اسان جون چار بمپر فصلون ٿيون، آبادگارن کي 400 ارب رپين جي ??ضافي آمدني ٿي، هن وقت يوريا جي قيمت عالمي منڊي ۾ 10 هزار رپيا جي لڳ ڀڳ آهي جيڪا اسان وٽ 1700 رپين ۾ ملي رهي آ??ي. ??يمتن ۾ تمام وڏو فرق آهي. توانائي واري وزارت ۽ صنعت واري وزارت گئس پلانٽس کي گئس جي ??پلاءِ جاري رکڻ جي لاءِ قدم کڻي، مقامي طور تي اسان وٽ گئس جي کوٽ جو مسئلو آهي پر فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس جي ??پلاءِ جاري رکي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ يوريا جي ??ڀ کان وڏي پيداوار ٿي جيڪا اٽڪل 33 ملين ميٽرڪ ٽن آهي. گئس جو مسئلو درپيش نه هجي ??ه ان ۾ وڌيڪ اضافو متوقع هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سمورن شهرن ۾ گئس سبسڊائيز آهي، ان جو بار انهن ماڻهن تي پئجي ??هيو آهي جن وٽ گئس نه آهي. 28 سيڪڙو ماڻهن جو بار 72 سيڪڙو کڻي رهيا آهن، اهو معاملو ڊگهي عرصي تائين نه ٿو هلي سگ??ي. ??ن چيو ته اسان وٽ گئس ۾ ساليانو 9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي رهي آهي، وڏن شهرن ۾ ماڻهو سستي گئس جا عادي ٿي چڪا آهن، اسان کي ان نظام کي ري اسٽرڪچر ڪرڻو پوندو، ??نرجي ??ي انهن 72 سيڪڙو ماڻهن جو به ايترو ئي حق آهي جيڪي گئس کان محروم آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊي پي جي قيمت دنيا ۾ تمام مهانگي آهي، اسان ڊي اي پي نه ٿا ٺاهيون، 70 سيڪڙو ڊي اي پي درآمد ڪئي وڃي ٿي، ان جي ??دم دستيابي جي ڪري يوريا جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو پر هاڻي ان جي قيمت گهٽ ٿي رهي آ??ي. ??اڪستان بيورو آف شماريات موجب مجموعي طور تي يوريا جي قيمت ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. پاڪستان ۾ في ٻوري يوريا جي قيمت اٽڪل 1864 رپيا آهي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ في ٻوري 10 هزار رپين جي ??ساب سان وڪرو ٿي رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا شگر سيڪٽر ريفارمز جي ??والي سان قائم خصوصي ڪميٽي جي ??پورٽ جون سفارشون عوامي راءِ جي لاءِ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آ??ي. ??ن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪورونا جي نئين قسم اومي ڪرون جي ڏس ۾ حفاظتي قدمن جي ??والي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا ويڪسي نيشن وڌائڻ، سماجي فاصلو برقرار رکڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. ڪابينا کي آگاهه ڪيو و??و ته هن وقت پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهن ڪورونا ويڪسين جي ٻي ڊوز ناهي لڳرائي، انهن کي درخواست آهي ته اهي ٻي ڊوز لڳرائين، ويڪسين جي هڪ ڊوز لڳائڻ سان ٽي ڀيرا پر جڏهن ته بي ڊوز لڳائڻ کانپوءِ قوت مدافعت ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ تاجڪستان ??ي وچ ۾ ٻطرفي فضائي روٽ ۾ تبديلي جي منظوري ڏني آهي. ان فيصلي سان فضائي فاصلي ۽ سفري خرچن ۾ گهٽتائي ايندي. هن ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستان ۽ قازقستان ??ي وچ ۾ فضائي سفر جي ??روعات لاءِ قازق ايئر ڪمپني کي پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي ??جازت ڏني آهي. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ قازقستان ??ي وچ ۾ سڌوسنئون هوائي سفر ممڪن ٿيندو ۽ گڏيل واپار ۾ مدد ملندي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي ملڪن ??ي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪابينا هوابازي ڊويزن جي ??مورن وچ ايشيائي ملڪن سان فضائي سفر جا معاهدا ڪرڻ جي ??والي سان ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. ??ن چيو ته ڪابينا پاڪستان ۽ عراق ??ي وچ ۾ فضائي سفري معاهدي ۾ ترميم جي ??جازت ڏني. ان فيصلي سان پاڪستان ۽ عراق ??ي وچ ڪمرشل فلائيٽس ۾ اضافو ممڪن ٿيندو. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا پاڪستاني 10، 50، 100 ۽ هڪ هزار رپين جا پراڻا ڪرنسي نوٽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مان تبديل ڪرڻ جي مدي ۾ 31 ڊسمبر 2022ع تائين واڌ جي ??جازت ڏني. هي اهي ڪرنسي نوٽ آهن جن جي ڊيزائن 2005ع م تبديل ٿي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انساني همدردي جي ??نياد تي افغان رهواسين جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي ??ريقيڪار ۾ وڌيڪ آساني جي ??جازت ڏني وئي آهي. ان فيصلي کانپوءِ ويزا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گهربل سيڪيورٽي ڪليئرنس جو مدو 30 ڏينهن کان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو و??و آ??ي. ??ن ٻڌايو ته افغان عوام جي ڀلائي ۽ امداد جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي ??وز جي ??جسٽريشن جي ??ريقيڪار کي آسان بڻائن جو فيصلو ڪيو و??و آهي. اهو فيصلو انساني همدردي ۽ افغانستان جي ??وام کي امداد جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪيو و??و آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستان جي ??ستي ٻين ملڪن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ افغان رهواسين جي لاءِ ڏنل سهولت جي لاءِ وڌيڪ 60 ڏينهن ??ي واڌ ڏني وئي آهي. ان سهولت ۾ زميني ۽ فضائي رستن سان سفر شامل آهي. ان کانسواءِ افغان عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي اين جي ??وز جي ??هلڪارن جي لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ جي ??ريقيڪار کي آسان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا کي اوگرا جي ??الياني رپورٽ سال 20 – 2019ع پيش ڪئي وئي. ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي پيٽروليم مصنوعات جي ڪارڪردگي، پيداوار، طلب ۽ پهچ ۽ پيٽروليم صنعت جي ??هتري جي ??والي سان سفارشون ڏنيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته ايل پي جي ڪمپنين کي 10 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن جيڪي پاڪستان جي ??ندر نجي ??عبي ۾ گئس درآمد ڪري ماڻهن کي فراهم ڪري سگهنديون. هن ٻڌايو ته ايل پي جي ??ي غيرقانوني پمپس ۽ پلاسٽڪ جي ڪنٽينرز جي ??لاف پڻ مهم شروع ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 24 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي. اهڙي طرح ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 2 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 10 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. هن ٻڌايو ته اسان افغانستان کي 5 ارب رپيا اڳ ۾ ئي ڏئي رهيا آهيون، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ان ۾ افغان عوام کي وڌيڪ مدد تي پڻ غور ڪيو و??ندو. هڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته فارما انڊسٽري پهريون ڀيرو پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي، دوائن جي قيمتن ۾ مناسب اضافو نه ڪيو و??و ته انڊسٽري ويهي رهندي، صحت ڪارڊ کانپوءِ علاج ۽ دوائون مفت فراهم ٿينديون، مهانگي دوائن جو مسئلو به ختم ٿي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح تشريح جو حتمي اختيار سپريم ڪورٽ وٽ آهي، اهڙي طرح قانون ٺاهن جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي. اليڪشن ڪميشن جا ماڻهو به قانون کي سمجهن ٿا، اليڪشن ڪميشن انتظامي ادارو آهي، ان کي قانون موجب هلڻو آهي، جيڪڏهن هو اهڙي طرح اڳتي وڌي ٿو ته اها مثبت اڳڀرائي آهي.