اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ??رادري تي زور ڏنو آهي ته هو ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ??رزين جو نوٽيس وٺي، ڀارت بي گناهه ماڻهن جي خلاف دهشتگردي جو راڄ شروع ڪري رکيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انهن کي رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻائي رهيو ??هي?? پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي حمايت جاري رکندو. صدر اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهائيندي چئي. جنهن ايوان صدر ۾ ان سان ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته هندستان جي اصل چهري کي سڀني عالمي فورمز تي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت ??هي?? ڀارتي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي بي گناهه مسلمانن ۽ ٻين اقليتي گروهن جي عدالت کان مٿانهين قتل، تشدد ۽ قيد ۾ ملوث ??هي?? هن چيو ته اهو عالمي ??رادري جي ذميداري آهي ته هو ڀارت کي انساني حقن جي سنگين خلاف ??رزي کان روڪي ۽ ڪشمير کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد يقيني بڻائي، هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي حمايت جاري رکندو. صدر ان حقيقت تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارتي اقليتي گروه خاص طور تي مسلمان ۽ عيسائين تي ظلم ڪري رهيو ??هي?? هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جو اقليتن سان غير انسان?? سلوڪ ۽ ان جي جارحاڻي انداز سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو ??هي?? صدر پاڪستان جي ميزباني ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي انتهائي ڪامياب قرار ڏنو جنهن سان دنيا جو ڌيان افغانستان جي سنگين انساني ۽ معاشي صورتحال طرف ڇڪرايو، هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته اها ڪانفرنس هڪ مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي، صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته اها ڪانفرنس افغانستان جي عوام کي درپيش معاشي ۽ انساني چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد لاءِ عالمي ??مايت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي آهي.