اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان سعودي عرب جي دفاع واري نائب وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم عم??ان خان سعودي دفاع واري نائب وزير جي آجيان ڪندي چيو ته ويجهن، هيٺئين سطح ۽ تاريخي رابطن تي ٻڌل پاڪ سعودي عرب لاڳاپا خاص اهميت رکندڙ آهن.