اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامون??ي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان ع??ي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلطان ع??ي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلطان ع??ي الانا ا??ساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بني??د تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامون??ي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.