اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادر?? ڪ??ميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ ??ڪو??ت ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پنهنجي انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته عالمي برادري هاڻي خرگوش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ڀارت ڪشميرين جي خاص حيث??ت جو خات??و ڪيو. معصوم ڪشميرين جو فوجي گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حما??ت جاري رکندو.