اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان خبردار ڪيو آهي ته بين الافغان ڳالهين ۾ وڌيڪ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون جڏهن ته ا?? جي لاءِ سمورين ڌرين کي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڳالهين واري عمل ۾ سستي ۽ ڏکيائي به اچي سگهي ٿي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڊيڊ لاڪ به پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته افغان پنهنجي مستقبل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اهڙن موقعن تي اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي انهن کي ياد ڏياريندا رهنداسين ته ڳالهي?? جي ميز تي بنا ڪنهن رتوڇاڻ جي ڊيڊ لاڪ جنگ جي ميدا?? جي رتوڇاڻ واري حل کان ڪيترائي ڀيرا بهتر آهي. وزيراع??م عمران خان اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن پوسٽ جي تازي شماري ۾ هڪ آرٽيڪل ۾ پنهنجي راءِ ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته سمورين ڌرين کي جن افغان امن عمل ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي انهن کي غيرحقيقت پسنداڻي طور تي مدو مقرر ڪرڻ جي خرابين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عمل دخل استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان مان عالمي دنيا جو ??لد??ازي ۾ انخلا غيردانشمنداڻو هوندو. آرٽيڪل ۾ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي انهن علائقائي عنصرن کان به بچڻو پوندو ج?? جي امن عمل ۾ ??يڙ??ڪاري نه آ??ي ۽ اهي پنهنجي جاگرافيائي مفاد?? جي لاءِ افغانستان ۾ عدم بدامني ڏسڻ چاهين ٿا.